ديوان يوسف

ديوان يوسف

ديوان يوسف

ديوان يوسف: ديوان يوسف خان ٽالپر'>مير مير محمد خان ٽالپر جي دوست ۽ خاص مشير محمد يوسف خدمتگار جي غزلن، قعطه تاريخن، مثنوين ۽ رباعين جو مجموعو آهي. ان کانسواءِ محمد يوسف خدمتگار، مير صوبدار خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر جو پڻ وزير هو. يوسف جي پرورش خان ٽالپر'>مير مير محمد خان ٽالپر سان گڏ ٿي. هن عربي ۽ فارسي ٻولين تي مهارت حاصل ڪئي. حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊو يوسف جو علائقو هن جو ئي آباد ڪيل هو، پر جلد ٽنڊو يوسف ڇڏي موجوده سيري کان ٿورو پرڀرو پاٽون ۾ آباد ٿيو، جتي اڄ به سندس اولاد آباد آهي. فارسي ۾ هڪ مڪمل ديوان کان هڪ ناياب مثنوي ’ماه و مشتري‘ پڻ تصنيف ڪيائين. ديوان يوسف ۾ ساڍا ٽي سؤ غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيبوار رکيل آهن.
غزل حافظ شيرازي، سعدي شيرازي، وصال شيرازي، مولانا جامي، فتح علي شاهه خاقان، امير خسرو، طالب آملي ۽ ٻين فارسي جي نامور شاعرن جي غزلن جا تتبع آهن. غزلن کانسواءِ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي بنگلن ٺاهڻ، مسجدن تعمير ڪرائڻ، ولادتن ۽ وفاتن تي چيل ناياب قطعه تاريخون سنڌي جي تاريخ جو اهم حصو آهن. ان کانسواءِ منقبت قصيدا ۽ نعتون پڻ فارسيءَ ۾ لاجواب آهن. سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر جي وفات تي چيل ناياب فارسي مرثيو پڻ ديوان ۾ موجود آهي. هي ديوان اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. هن وقت تائين هن جي ديوان جا ٻه قلمي نسخا دستياب ٿيا آهن. هڪڙو سنڌ جي نامور اديب، محقق ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ ۽ ٻيو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري جي قلمي مسودن ۾ موجود آهي.


لفظ ديوان يوسفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو